سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ هڪ ئي رات گهر ۽ دڪان جا تالا ٽوڙي لکين روپين جي چوري

لاڙڪاڻي شهر ۾ چورن تر تپائي ڇڏيو آهي، هڪ ئي رات ۾ گهر ۽ دڪان جا تالا ٽوڙي لکين روپين جي چوري ڪري ويا. خبر موجب لاڙڪاڻي جي رحمت پور ٿاڻي جي حد گاسليٽ ڊيپو واري علائقي ۾ چورن شهري منير ڀٽي جي گهر جا مبينا تالا ٽوڙي گهرڀاتين جي غير موجودگي ۾ پيل 7 لک جا سونا زيور، 3 لک روڪ، 32 بور پسٽل، گوليون ۽ موٽرسائيڪل ڪاهي ويا. اهڙي واقعي جو اطلاع متاثر پوليس کي ڏنو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي. ان موقعي تي متاثر منير ڀٽي ٻڌايو ته 3 ڏينهن اڳ گهرڀاتين سان گڏجي سکر ويو هيس جتان واپسي تي گهر جا تالا ڀڳل ۽ سامان وکريل پيل هو ۽ ڏٺوسين ته چور گهر ۾ پيل 7 لکن جا سونا زيور، 3 لک روڪ، 32 بور پسٽل گولين سميت ۽ موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا، اطلاع تي ايس ايڇ او سعيد احمد جماڻي پهچي تفصيل ورتا آهن. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي. ٻئي طرف لاڙڪاڻي جي ايوب ڪالوني ۾ ڪرياني جي دڪان جا تالا ٽوڙي چور دڪان مان سامان کڻي ويا، واقعي جو اطلاع متاثر دڪاندار حيدري ٿاڻي تي ڏنو پر پوليس هن وقت تائين چورن خلاف ڪا ڪاروائي ناهي ڪئي. ان موقعي تي متاثر دڪاندار پيرسن علي محمد سيال جو چوڻ هو ته رات جي وقت دڪان بند ڪري گهر ويس صبح جو آيس ته دڪان جا تالا ٽٽل هئا ۽ دڪان جي خاني مان 15 هزار روڪ ۽ پٽ جي موبائيل فون، سگريٽ سميت گيھه جا ٽين ۽ ٻيو سامان چور کڻي ويا. اسان جو گذر سفر انهي دڪان تي آهي. ڊي آ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل آهي ته نوٽيس وٺي چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button