سنڌ

شهيد بينظيرجي اڄ ورسي، تياريون مڪمل، سيڪيورٽي انتهائي سخت

پيپلزپارٽي پاران شهيد بينظير ڀٽو جي چوڏهين ورسي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ اڄ ملهائي ويندي. ورسي ۾ شرڪت لا پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو سخت سيڪيورٽي ۾ نئون ديرو هائوس پهچي ويو. ورسي جلسي ۾ شرڪت لا اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه، نثار کهڙو، وقار مهدي، خورشيد جوڻيجو، جميل سومرو سميت ايم اين ايز ۽ ايم پيز جي وڏي تعداد ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد نئون ديرو هائوس پهچي ويا، جتي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو سان ورسي جلسي جي تيارين بابت صلاح مشورا ڪيا. هوڏانهن اسٽيج ۽ جلسي گاهه ۾ پارٽي قيادت جا قد آور پينا فليڪس ۽ تصويرون لڳايون ويون، پارٽي قيادت پاران جلسي کي خطاب ڪرڻ دوران کين ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لا جلسي گاهه اندر وڏا ٽي وي اسڪرين لڳائڻ سميت هيوي ايڪوسائونڊ سسٽم جو بندوبست ڪيو ويو آهي. ورسي ۾ شرڪت لا جيالا قافلن جي صورت ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن کي پارٽي جهنڊن ۽ قيادت جي تصويرن سان سجايو ويو ۽ مختلف روڊ رستن تي استقباليه ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. ڳڙهي خدابخش ۾ شهيدن جي مزار اندر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ جيالن لا هر صوبي جي هر شهر ۽ هر ضلعي لا الڳ الڳ استقباليه ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، جتي پارٽي ورڪرن ۽ جيالن جي ترسڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. مزار ڏانهن ايندڙ رستن تي پاڻي جون سبيلون لڳايون ويون آهن. ورسي جلسي لا سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. جلسي جي سيڪيورٽي لاء 6800 پوليس جا جوان ڊيوٽي سر انجام ڏيندا، جنهن ۾ 30 ايس ايس پيز، 80 ڊي ايس پيز، 300 ليڊيز اهلڪار ۽ 700 ٽرئفڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا. جلسي گاهه جي اندران ۽ ٻاهران 150 سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳايون ويون، جن سان هر ايندڙ ويندڙ جي نقل حرڪت تي ڪڙي نظر رکي ويندي ۽ جلسي گاهه ۾ داخل ٿيڻ لا مزار جي مرڪزي دروازن ۽ مزار جي اندر 70 واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا، جتان داخل ٿيندڙن جي ميٽل ڊڪٽيٽر سان مڪمل جامع تلاشي وٺي ڪليئر ڪري جلسي گاهه ۾ اچڻ جي اجازت ڏني ويندي. سيڪيورٽي مسئلن سبب هن ڀيري جلسي گاهه ۽ اسٽيج تي ڊرون ڪئمرائن کي هلڻ جي اجازت نه ڏني وئي آهي ۽ ميڊيا کي ڊرون ڪئمرائون نه آڻڻ لا آگاهه ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button