سنڌ

وار ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، جيالا تياري ڪن:بلاول ڀٽو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪٺ پتلي حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، جيالا تياري ڪن، وار ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، 5 جنوري تي لاهور مان حڪومت جي خاتمي جي ڪهاڻي جي شروعات ٿيندي. شهيد بينظير ڀٽو جي 14 ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته آصفه هجي، بختاور هجي يا بلاول تنهنجي ياد ۾ بينظير ويٺا آهن. اڄ پنهنجي جيالن کي ته اچي ڏس ڪيئن تنهنجي انتظار ۾ ويٺا آهن. تون اڄ به جيالن جي دلين ۾ زنده آهين، اچي ڏس ته انتظار ڪيئن ڪبو آهي ۽ ڪيئن بيشمار جيالا تنهنجي انتظار ۾ ويٺا آهن، تنهنجي جدائي جو ڏک ڪو تنهنجي اولاد کان پڇي ته ڪيئن تنهنجي جدائي ۾ ڏک ۾ ويٺا آهن. بلاول ڀٽو چيو ته ڪاش 27 ڊسمبر ڪو خاص ڏينھن نه ھجي ھا، ڪاش 27 ڊسمبر عام ڏينھن ھجي ھا، سج اڀري ۽ لھي وڃي ھا، نه ڪو سوڳ ۽ نه ڪو ماتم ھجي ھا. 14 سال گذري ويا آھن، شھيد بيبي کي ملڪ جو عوام ياد ڪري ٿو. هن چيو ته شھيد بيبي! ملڪ ۾ نالي جي جمهوريت آھي، نه جيئڻ جي آزادي، نه ڳالھائڻ جي آزادي آھي، اسان سمجهون ٿا ته جمهوريت بھترين انتقام آھي، اسان جمهوريت کي بحال ڪيو، 73 جي آئين کي 18 ترميم تحت بحال ڪيو، اسان پارليامينٽ جو تقدس به بحال ڪري ڇڏيو هو پر اليڪشن چورائيندڙن واري واري سان هر شي کي ختم ڪري ڇڏيو، جمهوريت تي حملا ڪري نقصان پهچايو ويو، عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هڻي عوام کان جمهوريت کي کسيو ويو ۽ اڄ عوام ڪٺ پتلي سليڪٽيڊ حڪومت کي ڀوڳي رهيو آهي ۽ هن نالائق ۽ نااهل وزير اعظم جو بار کڻي رهيو آهي. هن چيو ته اسان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جن دهشتگردن سان اکيون اکين ۾ ملائي کين للڪاريو هو، انهن ئي دهشتگردن جو پيپلزپارٽي مقابلو ڪيو، اسان رياست پاڪستان جي رٽ قائم ڪئي هئي ۽ پاڪستان جو جهنڊو وانا ۽ وزيرستان ۾ به لهرايو هو، اسان دهشتگردن جي چيلهه ئي ڀڃي ڇڏي هئي، اسان جي پاڪ فوج، پوليس ۽ عوام دهشتگردن کي شڪست ڏني، پوري دنيا جيڪو نه ڪري سگهي پر اسان جي پاڪ فوج، پوليس ۽ عوام انهن ئي دهشتگردن کي شڪست ڏني پر اڄ اسان جي فوج جي شهيدن، پوليس جي شهيدن ۽ اي پي ايس اسڪول جي شهيد ٻارن جي خون جو سودو ڪيو پيو وڃي ۽ انهن ئي دهشتگردن اڳيان صدر پاڪستان ۽ وزيراعظم جهڪي پيا آهن ۽ اهي انهن دهشتگردن کان خيرات وٺي رهيا آهن پر انهن ئي دهشتگردن کين جواب ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته شهيد بي بي اڄ به ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لا اوهان جا جيالا انهن انتها پسندن ۽ دهشتگردن آڏو ديوار بڻجي بيٺا آهن. هن چيو ته اسان جمهوريت کي بحال ڪيو ۽ صوبن کي حق ڏنا، صوبن کي پنهنجي وسيلن جو مالڪ بڻايو پر سليڪٽيڊ حڪومت ۾ اڄ عوام ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ نٿو پالي سگهي، نه ئي تعليم جا خرچ پورا پيو ڪري سگهي، گيس، بجلي سميت ٻيا بل نه پيو ڀري سگهي، اڄ مزدور محنت مشقت ڪرڻ باوجود بکئي پيٽ سمهي رهيو آهي، هاري پريشان ۽ خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهي، ان کي فصل جي صحيح قيمت به نه پئي ملي سگهي، جڏهن ته ڀاڻ به کين بليڪ تي ملي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت ۽ رياست آ ايم ايف جي غلام بڻجي وئي آهي، جيڪڏهن اهڙي طرح ئي ڪٺ پتلي نالائق حڪومت ملڪي معيشت هلائيندي ته ملڪ جون حالتون ڪڏهن به نه سڌرنديون، هاڻي هڪ ئي رستو، منشور ۽ سياسي فلسفو آهي جنهن ۾ عوام جو ڀلو آهي، اهو قائد عوام جو منشور آهي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو نظريو آهي، شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جا ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ جيالا هن وقت ڳڙهي خدابخش ڀٽو ڏانهن وانجهائي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته اسان کي ڪير اچي بچائيندو ۽ ڪير شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو واعدو ۽ خواب پورو ڪرائيندو؟ هن چيو ته هاڻي اسان پاڪستان جي عوام جي پريشاني، بيوسي نٿا ڏسي سگهون ۽ هاڻي جيالا ئي عوام کي ان مصيبت مان نجات ڏياري سگهندا، هاڻي عوام تياري وٺي، اسان عوام جي طاقت جي زور تي هن ڪٺ پتلي نااهل جو مقابلو ڪري هن کي حڪومت مان ٻاهر اڇلائينداسين، هن ڪٺ پتلي حڪومت کي ڪيرائڻ لا جيڪا همت ۽ طاقت واري پارٽي آهي ته اها پاڪستان پيپلزپارٽي ئي آهي، هاڻي جيالا تياري وٺن ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهو پيغام پهچائڻو آهي ته جنهن ڇت مٿان پاڪستان پيپلزپارٽي جو جهنڊو لهرائيندو هو، هاڻي ٻيهر ان ئي ڇت مٿان پاڪستان پيپلزپارٽي جو جهنڊو لهرائڻو پوندو. جنهن جنهن گهر مان جيئي ڀٽو ۽ جيئي بينظير جا نعرا لڳندا هئا هاڻي وري ٻيهر انهن ئي گهرن مان جيئي ڀٽو ۽ جيئي بينظير جا نعرا هڻائڻا پوندا ۽ ڪم صرف پيپلزپارٽي جا جيالا ئي ڪري سگهندا ۽ منهنجو اوهان لا اهو پيغام آهي ته اڄ جيڪي مختلف ميڊيا تي ڊيل ڊيل جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، اهي ئي 2007 ۾ شهيد بيبي تي الزام لڳا ته بيبي ڊيل پئي ڪري پر پيپلزپارٽي ڪنهن به ڊيل تي يقين نٿي رکي ۽ جيڪا پارٽي ڊيل تي يقين رکندي آهي، ان جي شهيدن جا قبرستان نه ٿيندا آهن ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جو قبرستان گواهه آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي طاقت جي سرچشمي عوام تي يقين رکندي آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي وفاقي پارٽي آهي ۽ پيپلزپارٽي مساوات ۽ اسلام تي يقين رکندي آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي غير جمهوري رستو اختيار نه ڪندي آهي نه ئي غير جمهوري سياست ڪندي آهي، اسان جي ڊيل شهيدن جي قبرستان سان آهي، اسان جي ڊيل عوام سان آهي، اسان هاڻي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر پهچنداسين. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي جيالن کي پيغام آهي ته تياري وٺن، مان پنجاب، گلگت بلتستان، خيبرپختونخوا، بلوچستان، ڪشمير سميت پوري ملڪ جو دورو ڪري انهن وٽ پهچي ويندس. جتي مان نه پهچي سگهيس اتي صدر زرداري پهچندو ۽ جتي صدر زرداري نه پهچي سگهيو ته اتي فريال ٽالپر پهچندي ۽ جتي فريال ٽالپر نه پهچي سگهي ته آصفه بيبي پهچندي. هاڻي هن ڪٺ پتلي حڪومت خلاف اعلان جنگ جو وقت اچي چڪو آهي. انشا الله 5 جنوري تي شهيد ڀٽو جي سالگرهه جي ڏينهن جنهن لاهور شهر ۾ پيپلزپارٽي جو بنياد وڌو ويو هو، اتي سي اي سي جي اجلاس ۾ ڪٺ پتلي حڪومت خلاف سخت فيصلا ڪنداسين. هاڻي هر ميدان تي ڪٺ پتلي حڪومت کي شڪست نصيب ٿيندي. سينيٽ، با اليڪشن ۽ بلدياتي اليڪشن ۾ به ڪٺ پتلي کي شڪست ملي چڪي آهي. هاڻي ڪٺ پتلي کي ڪو نٿو بچائي سگهي، جيالا تياري وٺن، ايندڙ اليڪشن اوهان جي حق ۾ هوندي، ملڪ جو وزيراعظم به اوهان جو هوندو ۽ صوبن جا وزيراعلى به اوهان جا هوندا. (رپورٽ:جاويد سولنگي/رحمت ڀٽو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button