سنڌ

محترمه سان ڪيل واعدا آهستي آهستي پورا ڪري رهيو آهيان:آصف زرداري

پارٽي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ورسي جلسي ۾ بيماري سبب نه اچڻو هو پر ورسي جلسي جي ختم ٿيڻ کان ٿورو اڳ ئي جلسي ۾ پهچي سڀني کي حيران ڪري پنهنجي مختصر خطاب ۾ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جي حڪومت کان وٺي منهنجي حڪومت تائين عوام جي خدمت ڪئي. هن چيو ته اسان جي سوچ به هت آهي، اسان جو منشور به هت آهي ۽ اسان جي آخرت به هت آهي ۽ اسان جي دعا به اها ئي آهي ته الله اسان کي غريبن جي خدمت ڪندي ڪندي موت نصيب ڪري. هن چيو ته پاڪستان جي عوام جي اها قسمت ناهي ته هو هميشه غريب ئي رهن، اسان امير ملڪ آهيون پر ڪجهه دماغ اهڙا آهن جيڪي نٿا سمجهن ته پاڪستان ڪيترو امير ملڪ آهي، پاڪستان مزدور ايڪسپورٽ ڪري ٻين ملڪن ۾ ڪمائڻ لا موڪلي سگهي ٿو جيئن شهيد ڀٽو ٻاهرين ملڪن ۾ مزدور موڪلي ملڪ ۾ ناڻو آندو ۽ غريب مزدور به امير ٿي ويا، پر هتي عقل ۽ سوچ جي ڪمي آهي، جيڪو چون ٿا اهو پاڻ به نه ٿا سمجهن. هن چيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جيئن بلاول ڀٽو چيو ته اوهان جا به ڏينهن بدلبا ۽ اوهان جي به حڪومت ايندي ۽ غريبن جي تقدير به بدلبي ۽ اهو سڀ ڪجهه بلاول بدلائيندو. مونکي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ اچي خوشي محسوس ٿيندي آهي ته مان پنهنجي ورڪرن پنهنجي جيالن پنهنجي غريبن ۾ بيٺو آهيان ۽ جيڪو وعدو مان شهيد محترمه سان ڪيو هو اهو آهستي آهستي پورو ڪري رهيو آهيان، دعا آهي ته الله پاڪ اسان کي موقعو ڏي ته ڀٽو صاحب ۽ بيبي صاحبه جا ڪيل وعدا پورا ڪري سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button