سنڌ

ڪارونجهر جبل تي سڄو ملڪ ويندو آهي،ڪير ڪٽي رهيو آهي؟:چيف جسٽس

ڪارونجهر جبل جو ڪيس سپريم ڪورٽ پهچي ويو. خبر موجب سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ ڪارونجهر جبل کي ڪٽڻ بابت درخواست جي شنوائي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڪارونجهر جبل کي ڪٽيو پيو وڃي. ٿرپارڪر جي خوبصورت جبلن کي ڪٽيو پيو وڃي. ڪارونجهر جبل تي ناياب پٿرن کي ڪٽڻ سان نقصان ٿيندو. اهڙي طرح ننگرپارڪر جي سونهن کي تباهه ڪيو پيو وڃي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪير ڪٽي رهيو آهي ڪارونجهر کي؟ درخواست گذار جي وڪيل جواب ڏنو ته مائنز اينڊ منرلز کاتي وارا ڪٽي رهيا آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪارونجهر جبل تي ته سڄو پاڪستان وڃي ٿو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڇا تفريحي هنڌ کي ختم ڪري رهيا آهن؟ قيمتي پٿرن کي ڪٽي رهيا آهن؟ عدالت شنوائي اڄ اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button