سنڌ

سپريم ڪورٽ سخت لهجي تي مرتضى وهاب کي هٽائي ڇڏيو،معافي بعد واپس

سپريم ڪورٽ گٽر باغيچه ڪيس جي شنوائي دوران سخت لهجو استعمال ڪرڻ تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي سندس عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۽ ڪجهه دير بعد معافي وٺڻ تي بحال ڪري ڇڏيو. خبر موجب ڪراچي رجسٽري ۾ ڪيس جي شنوائي دوران ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب عدالت ۾ پيش ٿيو. جسٽس امين قاضي ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي زمينون رياست جون آهن، توهان جي ذاتي ملڪيت ناهن. اهي زمينون توهان کي واپس ڪرڻيون پونديون، اسان نه وٺنداسين ته ٻيو ڪو اچي توهان کان وٺندو. ان تي مرتضيٰ وهاب جارحاڻي لهجي ۾ چيو ته ڇا اسان هليا وڃون، حڪومت ڇڏي ڏيون؟ اوپن ڪورٽ ۾ حڪومت خلاف وڏيون وڏيون آبزرويشنس پاس ڪيون وڃن ٿيون. مرتضيٰ وهاب جي اهڙي ڳالهه تي چيف جسٽس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ مرتضيٰ وهاب کي مخاطب ٿيندي چيو ته مسٽر توهان چپ ڪيو! نڪري وڃو هتان. هاڻي ئي توهان کي فارغ ڪيون ٿا. مرتضيٰ وهاب عدالت کان پنهنجي رويي تي معافي ورتي ۽ چيو ته مان معافي وٺان ٿو ۽ پنهنجي رويي تي معذرت ڪيان ٿو. عدالت ڪارروائي ۾ مختصر وقفي کانپوءِ مرتضيٰ وهاب جي معافي قبول ڪري ورتي ۽ کيس عهدي تان هٽائڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button