سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سني تحريڪ جو احتجاجي ميڙاڪو

پاڪستان سني تحريڪ لاڙڪاڻي پاران شهر اندر وڌندڙ بدامني خلاف جامع مسجد گلستان مدينه مينهل آباد ڪالوني ۾ احتجاجي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. ميڙاڪي ۾ پي ايس ٽي جي صوبائي اڳواڻ مولانا علي نواز قاسمي، خليفه عبدالرشيد سانگي، مولوي رياض قاسمي، عابد کهاوڙ، آغا ارشد سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي مولانا علي نواز قاسمي چيو ته لاڙڪاڻي ضلعي هر وقت پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، پر افسوس سياسي ڀوتارن لاڙڪاڻي مٿان هڪ نااهل ڪمدار پوليس آفيسر مقرر ڪري شهر چورن، ڦورن ۽ بدمعاشن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، وقت شهر جو عوام عدم تحفظ جو شڪار بڻيل آهي، جن جي گهرن، دڪانن ۽ ٻين ڪاروباري مرڪزن جا تالا چور روز ڀڃي لکين روپيا ۽ ٻيو سامان چوري ڪري رهيا آهن، ڦورو ڏينهن ڏٺي جو ڦرون ڪندا رهن ٿا، پر پوليس اگهور ننڊ مان اٿي ئي نه ٿي. وڌندڙ واقعن جو نوٽيس وٺي لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي عمران قريشي کي هٽائي ڪو ايماندار آفيسر مقرر ڪري شهرين کي سک ۽ امن سان جيئڻ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button