سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڪشمور واسي ٻن ڀائرن جو ٻڪريون ڦر ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ ڪشمور جي ڳوٺ حاجي خان شر جي رهواسي ٻن ڀائرن مبينا ڦر ٿيل 20 ٻڪرين جي واپسي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻي حافظ غلام قادر شر ننڍي ڀاءُ عثمان شر سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته اسان جا ننڍا ڀائر ابوبڪر شر ۽ عمران شر ڪچي واري علائقي ۾ ٻڪريون چاريندا آهن، گذريل سومر ڏينهن صبح جو ٻڪريون چاري رهيا هئا ته علائقي جي بااثر ياسين شر، خادم شر، نادر شر، ايوب شر ۽ ٻين هٿيارن جي زور تي 20 ٻڪريون ڦرڻ بعد کين تشدد جو نشاڻو بڻائي زخمي ڪري ڇڏيو. حد جي ٿاڻي حاجي خان شر وياسين، پر پوليس بااثرن جي ونگار وهندي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن ته بااثر خاموش رهڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري ڦريل ٻڪريون واپس ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button