سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺ عاقل واسي آبادگارن معصوم ٻارڙن سان گڏجي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي آبادگارن عرفان کهڙو، عبدالڪريم کهڙو ۽ نصير احمد شيخ دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ڀاڻ جي ڊيلرن ڀاڻ جون ٻوريون لڪائي گدام ڀري رکيا آهن ۽ روينيو عملدارن جي ملي ڀڳت سان ڀاڻ جا اگهھ وڌائي في ٻوري 1770 روپين مان اڍائي هزار کان ٽن هزارن روپين ۾ وڪرو ڪري ناجائزي ڪري رهيا آهن، جيڪي روينيو عملدارن کي في ٻوري تي 400 روپيا ڪميشن ڏئي رهيا آهن، اسان ننڍن آبادگارن کي ڀاڻ جا ڊيلر کوٽ ڄاڻائي ڀاڻ نه پيا ڏين، جنهن ڪري فصل سڪي رهيا آهن، جڏهن ته بااثر ماڻهن کي ٽرڪن ذريعي شهر کان ٻاهر ڀاڻ ڏنو وڃي ٿو، جيڪڏهن ننڍن آبادگارن کي وقت تي ڀاڻ نه ڏنو ويو ته هيل ڪڻڪ جو فصل گهٽ لهندو، جنهن ڪري اٽي جو وڏو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. هنن اختيارين کان گهر ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي اسان کي ڀاڻ ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button