سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ وين جي آفيس تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد گهنٽي ڦاٽڪ واري علائقي ۾ وين جي آفيس تي مبينا قبضي خلاف پورهيتن آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي صدام عمراڻي ٻين پورهيتن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته اڍائي سال اڳ معشوق علي مغيري ۽ نثار ڪهيري معرفت گهنٽي ڦاٽڪ واري علائقي ۾ 30 لکن عيوض وين جي آفيس قائم ڪرڻ لاءِ شاهنواز چانڊيو کان دڪان خريد ڪيو، جنهن کي مون 25 لک اڳواٽ ڏنا رهيل 5 لک دڪان جي لکت ڏيڻ وقت ادا ڪرڻ جو طئي ڪيو پر هو اڍائي سالن کان دڪان جي لکت ڏيڻ کان لنوائي رهيا هئا، جنهن ڪري مون 24 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ اهڙي پٽيشن داخل ڪرائي، ان تي بااثر شاهنواز خان چانڊيو پنهنجي گن مين شاهل ٻرڙو سان گڏجي اڄ صبح جو دڪان جا تالا ٽوڙي پنهنجا تالا هڻي دڪان تي قبضو ڪري ڇڏيو. اهڙي دانهن پوليس کي ڏني پر پوليس بااثر خلاف ڪاررواائي لاءِ تيار ناهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن ڊي آءِ ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته بااثر خلاف ڪارروائي ڪري دڪان تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button