سنڌ

شڪارپور ۾ هٿياربندن هوٽل تي ويٺل نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

شڪارپور جي علائقي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد ٽانگا اسٽاپ وٽ نامعلوم هٿياربندن هوٽل تي ويٺل نوجوان مٿان فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب نوجوان مرڻينگ ٿي پيو، جنهن کي پوليس ۽ شهرين سول اسپتال شڪارپور پهچايو جتي زخمي نوجوان کي فوري طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر ريفر ڪيو ويو، جنهن سکر نيئندي رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. نوجوان جي سڃاڻپ شڪارپور ويجهو ڳوٺ رئيس واهه واسي 20 ورهين جي محمد علي پٽ ديدار احمد لوھر طور ٿي آهي، جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم لا سول اسپتال شڪارپور پهچايو ويو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي پوليس جي شروعاتي تحقيق مطابق واقعو پنهنجي ئي برادري سان پراڻو تڪرار لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button