سنڌ

رتيديري ۾ ڳوٺاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

رتيديري ويجهو ڳوٺ ننڍا ٻوسڻ جي رهواسين 20 ڏينهن اڳ قتل ٿيل هزار خان گهانگهرو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ خلاف پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مقتول جي وارثن دانهيندي چيو ته 20 ڏينهن هزار گهانگهرو کي جوابدارن اختيار، عرفان، عبدالخالق. مهراب ۽ صغير اغوا ڪري گوليون هڻي قتل ڪيو هو، جنهن جي ايف آ آر رتيديري ٿاڻي ڪٽرائي آهي پر ايس ايڇ او عبدالغفور ڇٽو جوابدارن کان رشوت وٺي ٻٽ بڻجي ويو آهي ۽ انهن کي گرفتار ڪرڻ بدران ونگار وهندي اسان کي ڌمڪائي رهيو آهي ته منهنجي خلاف دانهين نه ٿيو ٻي صورت ۾ توهان تي به ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪندس. 20 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو. جوابدار روز گهرن ۾ اچي فائرنگ ڪري ڳوٺ مان لڏائڻ لا ڌمڪائي رهيا آهن. هنن ڊي آ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button