سنڌ

دنيا جا ڪرپٽ ماڻهو،بيلاروس جو صدر سال جو ڪرپٽ ترين قرار

منظم ڪرائم ۽ ڪرپشن بابت رپورٽنگ جي گروپ آرگنائزڊ ڪرائم اينڊ ڪرپشن رپورٽنگ پروجيڪٽ (او سي آر پي) سال 2021 جي بدعنوان ترين شخصيتن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي رپورٽن موجب يورپي ملڪ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو کي ڪرپٽ پرسن آف دي ايئر چونڊيو ويو آهي. هن کي منظم ڏوهن ۽ ڪرپشن کي هٿي ڏيڻ تي 2021 جو ڪرپٽ پرسن آف دي ايئر قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ هلندڙ سال جي ٻين ڪرپٽ ترين شخصيتن ۾ افغانستان جو اڳوڻو صدر اشرف غني ۽ شام جو صدر بشار الاسد شامل آهن. رپورٽ موجب ڪرپشن جي جاچ ڪندڙ ڇهن صحافين تي ٻڌل پينل دنيا جي 1167 اميدوارن مان بيلاروس جي صدر کي چونڊيو، لوڪاشينڪو 1994ع کان بيلاروس جي صدر جي حيثيت سان اقتدار ۾ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button