ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي واقع نسلا ٽاور جي ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ نسلا ٽاور جي اڏاوت جي اجازت ڏيندڙ ذميوارن خلاف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ڊسٽرڪٽ ايسٽ جي فيروزآباد ٿاڻي ۾ جعلسازي ۽ اختيار اورانگهڻ تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا آفيسر ۽ سنڌي ڪوآپريٽو مسلم سوسائٽي جي ذميوارن سميت ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن کي نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس حڪم مطابق نسلا ٽاور بابت بلڊنگ پلان ڪندڙ اداري سميت ان وقت جي لاڳاپيل ادارن کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. جڏهن ته ڪيس ۾ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڪنهن آفيسر کي نامزد ناهي ڪيو. ايف آ آر سيل ڪئي وئي آهي. ايف آ آر کي عدالت ۾ جمع ڪرايو ويندو. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ سنڌي مسلم ڪوآپريٽو سوسائٽي کان ذميوارن جا نالا گهريا آهن. پوليس جي جاچ ٽيم سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيس به وئي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close