سنڌ

پاڪستان اڳ يوريا ايڪسپورٽ ڪندو هو،اڄ کوٽ آهي:مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بنگلاديش جي ايڪسپورٽ 40 ارب ڊالرن تائين پهچي چڪي آهي پر اسان جون پاليسيون ڪاروبار دوست ماحول نه هجڻ سبب 25 ارب ڊالرن تائين محدود ٿي ويون آهن. صنعتڪارن سان گڏجي هڪ ورڪنگ گروپ ٺاهي رهيو آهيان ته جيئن مسئلا سندن مشاورت سان حل ٿي سگهن. هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايف پي سي سي آءِ) جي ميمبرن ۽ ٻين ناليوارن واپارين جي استقباليه تقريب کي خطاب ڪندي چئي. استقباليه تقريب ۾ ايس ايم منير، ڊاڪٽر اختر بيگ، زبير طفيل، خالد تواب، ڊاڪٽر نعمان ادريس بٽ، حنيف گوهر، اشتياق بيگ، زاهد اقبال چوڌري ۽ ٻين سميت 180 جي لڳ ڀڳ ناليوارن صنعتڪارن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پاڪستان اڳ يوريا ايڪسپورٽ ڪندو هو پر اڄ ملڪ ۾ شديد کوٽ آهي، جنهن سان اسان جي ربيع جي فصل تي خراب اثر پوندا. مون کي حيرت آهي ته اسان گيس، ڪڻڪ ۽ کنڊ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيون، جيڪي اسان ايڪسپورٽ ڪري رهيا هئاسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button