سنڌ

ڪنڌرا ۾ دڪاندار کان ڀتو طلب،شهر ۾ شٽربند هڙتال،هڪ جوابدار گرفتار

ڪنڌرا ۾ ڏوھارين شاھي بازار ۾ ڪريانه اسٽور ھلائيندڙ دڪاندار ۽ هندو پنچائت جي مکي کان ڀتو طلب ڪيو آھي. دڪاندارن کي ڀتي لاءِ پرچيون اماڻڻ خلاف شاپ ڪيپرز ايسوسئيشن ۽ ھندو پنچائت جي سڏ تي شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، جنھن سبب شھر جو سمورو ڪاروبار مڪمل طور بند رھيو. جڏھن ته دڪاندارن ۽ ھندو پنچائت پاران شاپ ڪيپر ايسوسيئيشن جي صدر ارجن مل، مکي لڏو مل، عظيم ٻرڙو ۽ ٻين مظاھرو ڪيو. واپاري اڳواڻن ارجن مل ۽ ٻين چيو ته جوابدار راشد جاگيراڻي دڪاندار اشوڪ مل کان 12 ڊسمبر ۽ 17 ڊسمبر تي قتل جون ڌمڪيون ڏئي ھڪ لک رپيا ڀتو وصول ڪيو، جنھن کانپوءِ به دڪاندار اشوڪ کي ڀتي لاءِ پرچيون اماڻيندو رھيو، سومر ڏينهن جوابدار راشد جاگيراڻي سرعام دڪان تي اچي قينچي ۽ پسٽل ڏيکاري ڀتي لاءِ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون. ھنن چيو ته اسان واپاري وفد ساڻ ڪري ايس ايڇ او ڪنڌرا سان ملاقات ڪري آگاھي ڏني ۽ جوابدار خلاف ڪارروائي جي درخواست ڪئي پر هن وقت تائين پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي، جنھن کانپوءِ جوابدار راشد جاگيراڻي ويتر مکي لڏو مل جي گھر پھچي ان کان به ڀتي جي گُھر ڪندي آواز اٿارڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button