سنڌ

”نوجوان جا قاتل گرفتار ڪريو“لاڙڪاڻي ۾ڏوڪري واسين جو احتجاج

ڪراچي جي فيروز آباد ٿاڻي جي حد ۾ ڏيڍ مهينو اڳ عدالت مان حاضري بعد مبينا طور قتل ڪيل پسند جو پرڻو ڪندڙ ڏوڪري واسي نوجوان وسيم جهتيال جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي پيءُ اعجاز علي جهتيال مائٽن نصير احمد، نديم علي، ياسين علي، پرويز احمد سان دانهيندي چيو ته منهنجي پٽ وسيم جهتيال ۽ سانگهڙ جي رهواسڻ ڪوثر بروهي سان 29 آگسٽ تي لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ پرڻو ڪيو هو، ننهن ڪوثر جي مائٽن پاران ڌمڪيون ملڻ سبب پٽ وسيم جهتيال ۽ گهرواري ڪوثر تحفظ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي، جنهن ڪيس ۾ 15 نومبر تي عدالت ۾ حاضريءَ بعد واپس ايندي ڪراچيءَ جي فيروز آباد ٿاڻي جي حد ۾ 8 جوابدارن فائرنگ ڪري نوجوان پٽ وسيم کي قتل ڪري ڇڏيو. ننهن ڪوثر، ٻيو پٽ نصير ۽ ڊرائيور منير زخمي ٿيا. واقعي جو ڪيس فيروزآباد ٿاڻي تي عزيز بروهي، عظيم بروهي، اشرف بروهي، ناصر، قادر، عبدالمالڪ، حميد بروهي ۽ ٻين تي داخل ڪرايو پر ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو، ڪيس جي جاچ ڪندڙ غلام شبير ڏاهري ۽ نثار سومرو پٽ جو خون لوڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن آءِ جي سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي فيروزآباد پوليس خلاف ڪارروائي ڪري پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button