سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڳڙهي ياسين واسي جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ نئون امروٽ واسي ٺيڪيدار پنهنجي سئوٽ سان گڏجي زمين تي مبينا قبضي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ٺيڪيدار اياز احمد سومرو پنهنجي سئوٽ حميد علي سومرو سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته 10 ڏينهن اڳ بااثر لطف الله دل ۽ سندس پٽ نصرالله اسان جي 15 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آهي، جنهن زمين تي هو رهائشي ڪالوني تعمير ڪرائي رهيا آهن، زمين جا اصل ڪاغذ منهنجي والد هدايت الله سومرو جي نالي تي آهن، ان باوجود بااثرن زمين تي قبضو ڪيو آهي. هن چيو ته سال اڳ به ڄاڻايل بااثرن قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن تي اسان عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرايو هو، عدالت اسان جي حق ۾ فيصلو ڏيئي نئون امروٽ پوليس کي نوٽيس جاري ڪيا ته ڄاڻايل زمين تي ڪنهن کي به قبضو ڪرڻ نه ڏنو وڃي، ان باوجود زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي.. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button