سنڌ

وفاقي وزير محمد ميان سومري جو اهم اتحادي پيپلزپارٽي ۾شامل

ڳڙهي حسن ۾ وفاقي وزير محمد ميان سومرو جو اهم اتحادي مير محبت خان کوسي پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪري ڇڏي. ڳڙهي حسن ويجهو لياقت آباد ۾ ميرمحبت خان کوسي پنهنجي رهائشگاهه تي تقريب ڪوٺائي، جنهن ۾ صوبائي وزير مير اعجاز خان جکراڻي، ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب خان سرڪي، مير لياقت علي لاشاري، اورنگزيب پنهور، امداد علي خان سرڪي، شفقت حسين جکراڻي، غضنفر خان جکراڻي، جهانگير خان بنگلاڻي، عادل خان جکراڻي، مير فاروق احمد کوسو، رحمت الله کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي مک اتحادي مير محبت خان کوسو، لياقت خان کوسي مير اعجاز جکراڻي تي اعتماد جو اظهار ڪندي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير اعجاز خان جکراڻي چيو ته عوام عمران نيازي کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي، عمران نيازي جي حڪومت ملڪ کي معاشي بحران جي دلدل ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، غريب عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، عمران سرڪار جو وقت ھاڻي پورو ٿي چڪو آهي. پ پ جي تحريڪ رنگ لائيندي ۽ پاڪستان جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو ھوندو. بلاول ڀٽو ظالمن سان مھاڏو اٽڪائي عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئي ۽ نيازي حڪومت جو گهيرو تنگ ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button