سنڌ

فنڪشنل ليگ بدين پاران مڪاني چونڊ ۾ڀرپور حصو وٺڻ جو اعلان

ٽنڊو باگو(ن، سنڌ ايڪسپريس) مسلم ليگ فنڪشنل پاران بلدياتي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو. فنڪشنل ليگ ضلعي بدين پاران بلدياتي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائم ڏيڻ لا فنڪشنل ليگ ضلعي بدين جي اهم اجلاس 2 جنوري آچر جي ڏينهن سانگي ڦرهو ويجهو ڳوٺ حاجي رند ۾ ٿيندو. جنهن ۾ فنڪشنل ليگ جا صوبائي توڙي ضلعي اڳواڻ حاجي ناصر خان نظاماڻي، خاور خان نظاماڻي، حيدرآباد ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري رفيق احمد مگسي سميت اهم اڳواڻن سميت ضلعي جي سموري قيادت شرڪت ڪندي. ان موقعي تي فنڪشنل ليگ ضلعي بدين جي اهم اڳواڻ حاجي امداد علي رند صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پير سائين پاڳاري جي اڳواڻي ۾ فنڪشنل ليگ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ مضبوط ۽ منظم آهي، تنظيم کي اڃا به بهتر بڻائڻ لا ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ مخالفن کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لا فنڪشنل ليگ ضلعي بدين جو اهم اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان ايندڙ بلدياتي چونڊن سڄي ضلعي بدين ۾ اميدوار بيهارينداسين ۽ ضلعي توڙي سموري ٽائون ۽ يوسيز مان چونڊون کٽي ثابت ڪنداسين ته فنڪشنل ليگ ئي عوامي پارٽي آهي جيڪا بهتر انداز سان سنڌ جي عوام جي خدمت ڪرڻ ڄاڻي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button