سنڌ

ڪرونا جي ويڪسين نه ڪرائيندڙ پوليس آفيسرز ويلفيئر فنڊ ۾ نااهل

سنڌ پوليس جي ڪرونا جو شڪار نان ويڪسينيٽيڊ اهلڪار ۽ آفيسرز کي ويلفيئر فنڊ مان مالي فائدن لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي. سنڌ پوليس جي ويلفيئر بورڊ جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ويڪسين نه ڪرائيندڙ اهلڪارن کي وبا ۾ مبتلا ٿيڻ جي صورت ۾ 10 هزار امدادي رقم نه ملندي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪرونا ۾ فوت ٿيل نان ويڪسينيٽيڊ اهلڪارن جي وارثن کي اعلانيل 5 لک امداد به نه ملندي. فوت ٿيل اهلڪارن جي وارثن کي ڪرونا سرٽيفڪيٽ ۽ فوتي سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻو پوندو، فوتي سرٽيفڪيٽ ۾ موت جو ڪارڻ ڪرونا لکيل هجي، متاثر اهلڪارن کي به ڪرونا ويڪسينيٽيڊ سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻا پوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button