پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ زراعت واري صلاحڪار منظور وساڻ بلاول ڀٽو زرداري ۽ ان جي وزيراعظم بڻجڻ بابت اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي شادي وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ ٿيندي يا 2023 ۾ ٿيندي. منظور وساڻ سيڪريٽري زراعت جي آفيس ۾ ڀاڻ جي ڊيلرن سان گڏجاڻي بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مارچ کان پهريان نواز شريف کي پاڪستان ايندي نه پيو ڏسان ۽ مولانا فضل الرحمان کي ڪي پي ڪي ۾ حصو ملي ويو، هاڻ انکي نه ملندو، هاڻ پيپلزپارٽي جو وارو آهي، جي ڊي اي سان جيڪي قوتون گڏ هيون، انهن هنن مان هٿ ڪڍي ڇڏيو آهي، ايم ڪيوايم پهريان ڏنڊي جي زور تي کٽيندي هئي، هاڻ اها به ڪمزور ٿي چڪي آهي. هن چيو ته حماد اظهر سنڌ جي يوريا ڀاڻ جون ڏيڍ لک ٻوريون ڪوٽا گهٽائي اسان جو ڀاڻ پنجاب کي ڏنو آهي، سنڌ جو ڪوٽا گهٽائي اسمگلنگ ڪيو ويو، وفاق سنڌ ۾ کوٽ پيدا ڪري ناانصافي ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ حڪومت کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پي پي پي ۽ ن ليگ ۾ مقابلو ٿيندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close