سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ معصوم ٻار چيڀاٽجي فوت

چانڊڪا پل وٽ تيز رفتار ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ 5 سالن جو شاهه زيب پٽ غلام رسول مگسي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور تي علائقي واسين ۽ وارثن کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ پهچايو، جتي ڊاڪٽرن زخمي نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. جڏهن ته پوليس ۽ اسپتال انتظاميه ضروري ڪارروائي بعد نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو. مليل ڄاڻ موجب فوتي نينگر چانڊڪا پل جو رھواسي ھو. ٻئي طرف حد جي رحمت پور ٿاڻي جي پوليس ٽريڪٽر کي تحويل ۾ وٺي ننڍي عمر جي ڊرائيوار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته حادثو ننڍي عمر جي ڊرائيور پاران ٽريڪٽر کي تيز رفتاري سان هلائڻ سبب پيش آيو آهي. اسان ٽريڪٽر کي تحويل ۾ وٺي ننڍي عمر واري ڊرائيور کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button