سنڌ

لکي غلام شاهه ڀرسان نوجوان اغوا، ڳوٺاڻن جو ڌرڻو،ٽائرن کي باهه

لکي غلام شاهه لڳ سم شاخ پوليس چوڪي ويجهو نامعلوم هٿياربندن لکي لڳ ڳوٺ ھوٿي جي رهواسي 34 سالن جي نوجوان عبدالله سولنگي کي اغوا ڪري ورتو. وارثن ڳولا باوجود هٿ نه اچڻ تي پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس ۽ وارثن ڳولا ڪئي ته نوجوان جي ٽوپي، لوئي ۽ موٽرسائيڪل جون چاٻيون هٿ اچڻ کانپو واقعي کي اغوا قرار ڏئي وارثن ۽ ڳوٺ ھوٿي جي رهواسين سکر – شڪارپور روڊ تي جهان خان چوڪ وٽ ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. احتجاج دوران ڊي ايس پي لکي غلام شاهه عزيزالله موريو پهچي ڳالهيون ڪري ٻن ڏينهن جي مهلت وٺي روڊ کولرائي ڇڏيو. نوجوان جي اغوا کانپو ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو واقعي واري هنڌ پهچي مغوي جي وارثن سان ملاقات ڪري کين يقين ڏياريو ته مغوي نوجوان کي جلد بازياب ڪرايو ويندو. ان موقعي تي ايس ايس پي شڪارپور صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڳ خانپور تعلقو بگڙيل هو، هاڻي لکي غلام شاهه ۾ اغوا جا 2 ڏوهه ٿيا آھن، جلد ڏوهارين خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ڪري مغوي بازياب ڪرايا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button