سنڌ

گولاڙچي ۾ 60 اسڪول غير فعال ڄاڻائي بند،استادن جي کوٽ

تعليم کاتي گولاڙچي تعلقي ۾ 60 پرائمري اسڪول غير فعال ڄاڻائي بند ڪري ڇڏيا. نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. بند ڪيل اسڪولن ۾ 52 بوائز پرائمري اسڪول ۽ 8 گرلز پرائمري اسڪول شامل آهن، جڏهن ته هڪ گرلز مڊل اسڪول پڻ شامل آهي. بند پيل اسڪولن ۾ ڳوٺ حاجي امير شاهه، عبدالڪريم ميتلو، مٺو ميمڻ، حاجي ڀائي خان مهيري ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته باقي بچيل 352 اسڪولن ۾ 24 هزار 5 سئو 60 شاگردن لا صرف 350 استاد مقرر آهن. انهي حساب سان في اسڪول تي هڪ استاد به رکجي تڏهن به استادن جي کوٽ آهي، جنهنڪري تعلقي ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليمي نظام سخت متاثر ٿي رهيو آهي. تعلقي ۾ 3 ٽاپ پراپرٽي ۽ 4 ڪئمپس اسڪول قائم آهن، جنهن ۾ 129 استادن جي جڳهه خالي آهي پر اتي 2 استاد ڪم ڪري رهيا آهن. ٽاپ پراپرٽي ۽ ڪئمپس 7 اسڪولن مان شهر جو جعفر جاکرو ۽ راهمون پاڙو ترائي اسڪول بند آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button