سنڌ

پيروسڻ ۾ روڊ جي تعمير نه ٿيڻ خلاف 15 ڪلوميٽر پيادل مارچ

پيروسڻ محراب پور روڊ جي 25 سالن کان تعمير نه ٿيڻ خلاف شهرين، نوجوان اتحاد پيروسڻ ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پيروسڻ کان محرابپور تائين 15 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪيو. مارچ جي اڳواڻي شهري اڳواڻ دڪاندارن ۽ نوجوان اتحاد پيروسڻ جي اڳواڻن منظور سنڌي، باسط علي سومرو، صدام سنڌي، عبدالقدير جمالي، رفيق سومرو، افضل حاجاڻو، زاهد ڦل، اسماعيل عامر، عزيز مڱريو، آڪاش عامر، ارشاد مجيداڻو، اياز ڦل، زوھيب ڦل، پيراڻو خان لعل بخش ۽ زاھد گل مجيداڻو، ڪئي، اڳواڻن چيو ته پيروسڻ محراب پور روڊ گذريل 25 سالن کان ٻيھر تعمير نه ٿيو، جنھن سبب هتان جو عوام روڊ نه هجڻ ڪري ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسان مريض کي اسپتالن ڏانھن پهچائڻ ۾ سخت پريشان ٿيون ٿا، ٻن ضلعن کي پاڻ ۾ ملائيندڙ روڊ جي حالت انتهائي زبون آهي، روڊ خراب هجڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن. روڊ جلد ٺهرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button