سنڌ

راضيديرو ويجهو روڊ جي مرمت نه ٿي، ڳوٺاڻا پريشان

راضيديرو کان ڳوٺ صوبدار لاشاري ۽ بنگالو ڳوٺن ڏانهن ويندڙ روڊ سالن کان مرمت نه ٿيڻ ڪري اکڙي ويو آهي. روڊ اکڙڻ سبب ڳوٺاڻا سخت پريشان آهن. ڳوٺاڻن نظر حسين لاشاري، سجاد لاشاري، درمحمد، ايوب لاشاري ۽ ٻين چيو ته راضيديرو کان اسان جي ڳوٺن طرف تقريباً 2 ڪلوميٽر روڊ سالن کان مرمت نه ٿيڻ ڪري هنڌان هنڌان اکڙي ويو آهي ۽ روڊ ۾ کڏا پئجي ويا آهن. روڊ خراب هئڻ ڪري ايمرجنسي واري صورتحال ۾ مختلف شهرن ڏانهن مريض کي پهچائڻ وقت سخت تڪليف پيش اچي ٿي. مختلف وقتن تي حادثا معمول بڻيل آهن. هنن چيو ته چونڊيل نمائندن به هن رستي طرف توجهه ناهي ڏني، اسان جي ڳوٺن کان مختلف شگرملن ڏانهن ڪمند جي سپلائي پڻ متاثر ٿي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button