سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ وڌندڙ گندگي ۽ ڀاڻ جي کوٽ خلاف احتجاج

پاڪستان بچايو تحريڪ پاران لاڙڪاڻي اندر وڌندڙ گندگي ۽ زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سجاد حسين سومرو، غلام مصطفيٰ گوپانگ، لطف الله مري، گل نظر چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا ۽ ميونسپل عملي جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي سبب سمورو لاڙڪاڻو گندگي جي ور چڙهي ويو آهي. شهر جي هر محلي ۾ گندگي جا ڍير لڳا پيا آهن ۽ نالين جو گندو پاڻي روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ تلائن جي صورت ۾ جمع ٿيل آهي، جنهن ڪري شهري سخت مشڪلاتن سان منهن ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته لاڙڪاڻي ضلعي سميت آسپاس ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. هارين کي ڀاڻ نه ملڻ ڪري ڪڻڪ جو فصل نه ٿيندو ۽ ڪڻڪ نه ٿيڻ ڪري اٽي جي شديد کوٽ پيدا ٿيندي. نوٽيس وٺي ڀاڻ جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button