سنڌ

قمبر ۾ ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن ۽ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏيئي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ڪامريڊ شوڪت چانڊيو، عرفان گوپانگ، اقبال چانڊيو، لعل چانڊيو، مشتاق علي، نواب ٻرڙو، ڪارو جت ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري قمبر جا ڊيلر انتظاميا سان ملي ڀڳت ڪري 3000 روپين تي ٻوري وڪرو ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته ڀاڻ جي گھر ڪري ٿڪجي پيا آھيون پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي. هنن ڊي سي قمبر کان مطالبو ڪيو ته اسان کي ڊيلر مافيا کان نه مارايو جلد ڀاڻ گھرائي پنھنجي نگراني ۾ ڏياريو نه ته اسان جا فصل سڙي ويندا، ڀاڻ جي کوٽ ختم ڪري ڊيلر مافيائن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن کي فوري طور تي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button