سنڌ

ڪراچي ۾ اومي ڪرون جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي رهيو آهي:ماهر

صحت جي ماهرن چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرونا جي عالمي وبا جي پنجين لهر جي شروعات ڪراچي کان ٿي چڪي آهي، وفاقي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڪرونا جو اومي ڪرون قسم جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي رهيو آهي. اختيارين موجب ڪراچي ۾ اومي ڪرون ويريئنٽ مان ڪرونا مثبت ڪيسن جي شرح 7 سيڪڙو ٿي چڪي آهي. ڪراچي ۾ ويڪسينيشن جي شرح صرف 40 سيڪڙو آهي، جنهنڪري ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪراچي کانپوءِ ايندڙ نمبر لاهور جو آهي، جتي اومي ڪرون سبب ڪيسن ۾ اضافو ٿيندو. اسلام آباد ۾ به اومي ڪرون جي ڪميونٽي ٽرانسميشن شروع ٿي وئي آهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر فيصل محمود چيو ته ڪراچي ۾ ڪيسن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، اسپتالن ۾ ڪرونا ڪيسن جي انگ ۾ به اضافو ٿيندو. هن چيو ته اهو چوڻ تمام جلدي آهي ته ڇا اومي ڪرون قسم گهٽ خطرناڪ آهي. ياد رهي ته اين سي او سي جي سربراهه ۽ وفاقي وزير اسد عمر به پاڪستان ۾ ڪرونا جي پنجين لهر تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button