سنڌ

30 جنوري تي تبت سينٽر وٽ سڄي ڪراچي گڏ ٿيندي:مصطفيٰ ڪمال

پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال پ پ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو صاحب توهان جي وڏن کي ملڪ ٽوڙڻ جي عادت ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڳلو ڪَپيندڙن جو خاتمو ٿي ويو ته لکين مصطفيٰ ڪمال بڻجي ويا، اڄ مصطفيٰ ڪمال اڪيلو ناهي، اسان اڪيلائي ۾ به خوف نه کاڌو، اڄ ته لکين مصطفيٰ ڪمال آهن، ڪراچي جو عوام مون سان گڏ آهي. هن چيو ته ڪراچي وارن کي هاڻ رڳو پنهنجي لاءِ نه پر سڄي سنڌ جي ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ وڙهڻو پوندو، 30 جنوري تي تبت سينٽر وٽ سڄي ڪراچي گڏ ٿيندي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير کي پري کان آواز ناهي ايندو، تنهنڪري ڪا تقرير نه ٿيندي ۽ سڌو وزيراعليٰ هائوس جي گيٽ تي وينداسين، سنڌ جي عوام کي حق ڏيارينداسين. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪارڪن گهر گهر وڃي سڀني کي گڏ ڪن، 30 جنوري تي جيڪو گهر ويٺو اهو ظالم جو ساٿي هوندو، ان ۾ ۽ آصف زرداري ۾ ڪو فرق نه هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button