پاڪستانپنجابسنڌ

بلاول ڀٽو جو حڪومت خلاف 27 فيبروري کان لانگ مارچ جو اعلان

لاهور: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت خلاف لانگ مارچ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪي مسئلن جو حل رڳو ۽ رڳو جمهوريت آهي. لاهور ۾ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄوڪي ويهڪ ۾ ملڪي صورتحال ۽ حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ طالبان سان ڳجهين ڳالهين، ملڪ ۾ جاري مهانگائي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي خود مختياري جهڙن قدمن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. پ پ چيئرمين حڪومت خلاف لانگ مارچ جو اعلان ڪندي چيو ته مارچ جي شروعات 27 فيبروري تي قائداعظم جي مزار کان ٿيندي ۽ اسان جو قافلو اسلام آباد پهچندو. بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ فوري طور شفاف چونڊن جو مطالبو ڪندي چيو ته ملڪي مسئلن جو حل رڳو پ پ وٽ آهي، اسان ماضي ۾ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو ۽ اڳتي به ڪڍنداسين. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف 7 سالن تائين پرڏيهي فنڊنگ کي لڪايو ۽ ان پئسي کي جمهوري جماعتن خلاف سازشن ۾ استعمال ڪيو، جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ان معاملي تي پي ٽي آءِ خلاف سخت ايڪشن وٺي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button