سنڌ

ناظمي دور ۾ نواب شاهه جي صحافين ۽ عوام حوصلو ڏنو:فريال ٽالپر

پ پ ليڊيز ونگ سنڌ جي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر، اڳوڻي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار سان گڏجي نوابشاهه پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي کي واڌايون پيش ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب پھتي. فريال ٽالپر صحافين سان پنھنجي ناظمي واري دور جون يادون بيان ڪيون. نوابشاهه جي صحافين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرائڻ، صحافين جي اولاد کي نوڪريون، صحافي ڪالوني ۽ اسپيشل گرانٽ ڏيارڻ جو يقين ڏياريو. فريال ٽالپر نئين چونڊيل صدر مشرف علي ڀٽي کي مٺائي جو دٻو پيش ڪيو ۽ سموري باڊي کي واڌايون ڏنيون. مشرف علي ڀٽي فريال ٽالپر کي چادر جو تحفو پيش ڪيو ۽ ٻين مهمانن کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا. فريال ٽالپر چيو ته نوابشاهه منھنجو شھر آھي، مان جڏھن ضلعي ناظمه ھئس ۽ سڄي سنڌ ۾ اڪيلي عورت ناظمہ هئس ۽ وقت جي آمر سان مقابلو ھو، ان دور ۾ نوابشاهه جي صحافين ۽ ھتان جي عوام بيحد مان ۽ حوصلو ڏنو. تمام جلد بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button