لاڙڪاڻي ۾ اين پي آءِ ڊبليو سنڌ آن فارم واٽر مئنيجمينٽ لوئر اسٽاف ضلعي لاڙڪاڻي پاران گذريل پنجن مهينن جو پگهارون نه ملڻ توڙي پڪو نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ملازمن غلام محمد ڏوتيو، صدرالدين عباسي، مظفر کوسو، مختيار ابڙو، دلبر شر، شڪيل ميمڻ، پونم ڪمار، زاهد جويو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اين پي آءِ ڊبليو سنڌ آن فارم واٽر مئنيجمينٽ ۾ اسان گذريل 15 سالن کان وٺي راڊ مين، نائب قاصد ۽ چوڪيدار طور ايمانداري سان ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهيون پر هن وقت تائين اسان کي پڪو ناهي ڪيو ويو، ويتر پنجن مهينن کان وٺي بنا جواز پگهارون بند ڪيون ويون آهن، جنهن ڪري گهرڀاتين سميت بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون. هنن وڏي وزير، صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ سميت ٻين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي لاڙڪاڻي جي سڀني ملازمن کي پڪو ڪرڻ سان گڏ رهيل پنجن مهينن جون پگهارون جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close