سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا اسپتال جي سيڪيورٽي گارڊن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي مختلف شعبن ۾ ڊيوٽي ڪندڙ خانگي ڪمپني جي سيڪيورٽي گارڊن پاران ٽن مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي جميل احمد ملگاڻي، اعجاز جمالي، نعيم تنيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان خانگي سيڪيورٽي ڪمپني فرنٽ لائين معرفت چانڊڪا اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪندا آهيون پر ان باوجود ڪمپني جي ٺيڪيدارن بشير جتوئي ۽ لطيف جتوئي 3 مهينن کان پگهارون بند ڪري گهر ڀاتين کي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو آهي. هنن چيو ته سيڪيورٽي گارڊ جي پگهار ماهوار 17 هزار آهي پر اسان کي 10 هزار ڏني ويندي آهي، 8 ڪلاڪن بدران 12 ڪلاڪ ڊيوٽي ورتي وڃي ٿي، اڄ ايم ايس آفيس اڳيان احتجاج ڪيو پر ايم ايس ڊاڪٽر عبدالستار شيخ دادرسي ڪرڻ بدران ويتر نوڪري مان ڪڍرائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، جنهن ڪري ٻيهر پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي رهيل پگهارون جاري ڪري فرنٽ لائين سيڪورٽي جو معاهدو ختم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button