قمبر جي ڳوٺ رئيس اڪرم خان لنجواڻي جي رھواسين اميران خاتون، ڄامل خاتون، ارباب خاتون، صحت خاتون،حاجران خاتون، نثار احمد ۽ ٻين بهرام پوليس جي ڏاڍاين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته وڏو منشي رمضان لاشاري اسان سان ناجائزي ڪري رھيو آھي. ھنن الزام ھڻندي چيو ته رمضان لاشاري کوجي ڪتن جا ڪوڙا پيرا ھڻائي اسانجي گھرن ۾ گھڙي اسان جو قيمتي سامان ٽن لکن جو سون، لائسنس وارا ٻه پسٽل، ھڪ بندوق گھر ڀاتين جا شناختي ڪارڊ، ٻه موٽرسائيڪلون ۽ اناج پوليس ٻهاري ڀڄ ڊاهه ڪري ويا. اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان غريبن سان انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close