چوٽياريون:چوٽياريون ڀرسان ڳوٺ خانڻ راڄڙ ۾ پورهيت ڪمال الدين راڄڙ جي گهر مٿان 20 کان وڌيڪ ماڻھن جي مدد سان حملو ڪري گهر ۽ پلاٽ مٿان قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان دوران مزاحمت تي پورهيت جي گهر ڀرسان ٺھيل لانڍي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ پورهيت ڪمال الدين ۽ امام دين راڄڙ دانهيندي الزام هنيو ته بااثر داروغو جمن راڄڙ ڪافي عرصي کان اسان جي گهر ۽ پلاٽ مٿان قبضو ڪري لڏائڻ ٿو چاهي ۽ اسان جي گهر جو رستو پڻ گذريل ٻن هفتن کان بند ڪري ڇڏيو آھي. گذريل 20 ڏينهن کان اعليٰ آفيسرن جي اڳيان دانهون ڪرڻ باوجود ڪير به ٻڌڻ لا تيار ناهي. هنن چيو ته ڪالهه بااثر داروغي 20 کان وڌيڪ ماڻھن جي مدد سان گهر مٿان حملو ڪيو آھي ۽ گهر ڀرسان ٺھيل لانڍي کي باهه ڏئي ڇڏي آھي. هنن ايس ايس پي سانگھڙ، ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ کان گهر ڪئي آھي ته بااثر داروغي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. رابطو ڪرڻ تي الزام هيٺ آيل داروغي جمن راڄڙ ٻڌايو ته لانڍي کي هٿ سان باهه ڏني وئي آھي، الزام ڪوڙو آھي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او چوٽياريون نبي بخش لاشاري چيو ته مونکي باهه بابت ڄاڻ ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close