سنڌ

وفاق سنڌ لاءِ 4 سو 60 بلين جو پيڪج ڏنو آهي:علي حيدر زيدي

وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف سنڌ جي صوبائي صدر سيد علي حيدر زيدي چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ لاءِ 4 سو 60 بلين جو پيڪج ڏنو آهي، جڏهن ته 12 هزار ارب روپيا اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڏنا ويا آهن، زرداري سنڌ ۾ هڪ به موٽروي ناهي ٺاهي سگهيو. سنڌ مان زرداري ليگ جو خاتمو آڻڻ لاءِ اسان شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي کان شروعات ڪئي آهي، سنڌ اها ڌرتي آهي، جيڪا ڪڻڪ پاڻ پيدا ڪندي آهي پر پوءِ به سنڌ اندر ڪڻڪ جو بحران آهي، هتي آصف زرداري جا ڪوئا ڇڏيل آهن، جيڪي ڪڻڪ کي کائي رهيا آهن، 15 ارب روپين جي ڪڻڪ ڪوئا کائي ويا آهن. اهڙو اظهار هن ڏاڏو الله بخش انڙ پاران باقراڻي ۾ منعقد ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مبين احمد جتوئي، اميربخش ڀٽو، سني گنجواني، عديل احمد، سندرا عمران، آغا اسلم خان، سانول انڙ، شاهد رند، ڊاڪٽر زاهد هليو، ناهيد کهاوڙ ٻين شرڪت ڪئي. علي زيدي چيو ته سنڌ ۾ جيڪا ٻه نمبري کنڊ هلي رهي آهي ان ۾ زرداري ۽ اومني گروپ جو هٿ آهي. هن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاھه کي خبر پئي ته علي زيدي لاڙڪاڻي اچي رهيو آهي، جنهن ڪري هو اڄ لاڙڪاڻي پهتو آهي، هاڻي عوام کي سجاڳ ٿي ساٿ ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ جو انقلاب جي شروعات لاڙڪاڻي مان ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button