سنڌ

رتوديرو ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر ماڻهن خلاف احتجاج

رتوديرو ويجهو ڳوٺ سڄڻ جويو جي رهواسين بااثر ماڻهن خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن علي اصغر، ابوبڪر، غلام قادر، نورل، عبدالغني، حاجي دلدار، ڪانڊيرو، محمد عرس جويو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سال اڳ رتوديرو جي موٽڻ پور محلي ۾ ڀت جي اڏاوت تان سيانچ ڌر جي ماڻهن عبدالغني، عبدالشڪور، غضن، عبدالفتاح، عبدالحفيظ، عبدالقيوم ۽ ٻين اسان تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ 9 ورهين جو نينگر مزمل پٽ علي اصغر جويو مارجي ويو هو، جڏهن ته سيانچ ڌر جو هڪ ڄڻو ساجد سيانچ پڻ قتل ٿيو هو. پوليس ٻنهي ڌرين جا ماڻهو گرفتار ڪيا. گرفتار ٿيل عبدالقيوم ۽ عبدالشڪور سيانچ کي ضمانت ڏني وئي آهي. هنن چيو ته جوابدار ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن، جن اسان کي ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون آهن، اسان کي هنن مان جان جو خطرو آهي. اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اسان جي گرفتار همراهه کي ضمانت ڏيئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button