سنڌ

رتوديرو ويجهو ڳوٺاڻن جو گهرن تي حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف احتجاج

رتوديرو ويجهو ڳوٺاڻن هٿياربند جوابدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ڳوٺ ننڍا ٻوسڻ جي رهواسين رياض، راحب، صابر، عمران، انيس، اعجاز، بابر گھانگھرو ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته گذريل رات دير سان هٿياربندن اختيار، عرفان، اياز، طارق، اجو، جنسار، احمدو ۽ ٻين گهرن کي ڪڙو چاڙهي فائرنگ ڪئي، جنهن تي معصوم ٻاررن ۽ عورتون ۾ رڙيون پئجي ويون، گوليون لڳڻ ڪري چوپايو مال پڻ زخمي ٿيو آهي. اسان اهڙو اطلاع رتوديرو پوليس کي ڏنو آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو. جوابدار اسان کي پنهنجي ڳوٺ مان به لڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن ڊي آ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button