لاڙڪاڻو سماجي اتحاد پاران مهانگائي، ڪرپشن، بدامني، گندگي، منشيات فروشي، ڀاڻ، اسپتالن ۾ سهولتن ۽ دوائن جي کوٽ، قبضن، وياج جي ڪاروبار سميت ٻين مسئلن خلاف شهر جي اولڊ بس اسٽينڊ کان امن زنده آباد ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي جناع باغ چوڪ وٽ پهچي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ڌرڻي ۾ 20 کان وڌيڪ مختلف سياسي سماجي، قومپرست، مذهبي، شهري ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. لاڙڪاڻو سماجي اتحاد جي چيئرمين حافظ گل حسن جتوئي، حافظ بشير شيخ، احمد بخش ڪورائي، مداد شيخ، لياقت علي عمراڻي، نادر علي مگسي، احمد نواز بروهي، احمر اڪبر ڦل، سيد رستم علي شاهه، انور علي ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي ۾ قبائلي جهيڙا عام ٿي ويا آهن، شهر ۾ بدامني سبب ڪو شهري محفوظ ناهي، روزاني چورين، ڦرن سميت ٻيون وارداتون ٿي رهيون آهن، آخر ڪيستائين عوام ظلم سهندو جيڪي علاج، دوائن ۽ ٻين بنيادي سهولتون کان محروم آهن، سرڪاري کاتن ۾ رشوت سواءِ ڪم نه ٿا ٿين، شهر جي هر علائقي ۾ گندگي سبب محلن ۾ صفائي جو نظام بهتر ناهي، اسان وٽ پوليس هوندي به امن امان ناهي، پوليس جي سرپرستي ۾ جوا، نشي آور گٽڪا سوپاريون ۽ شراب جو عام وڪرو ٿي رهيو آهي جنهن ڪري نوجوان نسل شاگرد ۽ ڪيترائي خاندان تباهه ٿي رهيا آهن اسان وٽ وياج ڪيترائي جهڳا جهڻ ڪري ڇڏيا آهن. هنن چيو ته حڪمرانن جي غلط پاليسين ڪري مهانگائي ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي، جنهن ڪري ڏهاڙيدار مزدور ٻن ويلن جي ماني به کائي نٿا سگهن. هنن چيو ته اسان جو گڏ ٿيڻ جو مقصد ضلعي انتظاميه ۽ پوليس پنهنجو قبلو درست ڪري شهر ۾ امن امان بهتر ڪندي شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close