لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسڻ عورت پاڪ ڪتاب کڻي مبينا قتل ٿيل ٻن پٽن سمير بروهي ۽ جميل بروهي جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورت شبانه خاتون بروهي پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته 13 آگسٽ تي گهٽي ۾ گهر اڳيان ويهڻ کان منع تي خاتون پوليس اهلڪار ارجمه شاهين پنهنجي ڀائرن سان گڏجي نوجوان پٽ سمير بروهي کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس دڙي ٿاڻي تي داخل آهي، جنهن ۾ پوليس ٻن جوابدارن عدالت ۽ نظير جسڪاڻي کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته خاتون پوليس اهلڪار ارجمه شاهين ۽ ٻين جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي. هن الزام لڳائيندي چيو ته 8 نومبر تي جوابدار ڌر منهنجي ٻي پٽ جميل بروهي کي موٽرسائيڪلن جا ٽڪر هڻي قتل ڪري ڇڏيو. دڙي ٿاڻي تي جوابدارن غلام پرور جسڪاڻي، اصغر ڀٽو، فياض تنيو ۽ ٻين مٿان ڪيس داخل ڪرايو پر هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ٿيو، جوابدار ڌر اسان مٿان گهر تي حملي ۽ ڦرلٽ جا الزام لڳايا آهن. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته پٽن جي قتل ڪيس ۾ نامزد سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close