ڄامشورو: لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي ظلم خلاف ۽ ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي لاءِ لمس جي لطيف هال ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. شاگردن ۽ شاگردياڻين قومي تراني سميت ڪشمير جي حق ۾ تقريرون ڪيون. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ خطاب ڪندي چيو ته اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهيون، انهن جي حقن ۽ انهن جي دليراڻي جدوجهد ۾ اڄ هڪ دفعو وري انهن سان گڏ بيهڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. پاڪستاني عوام ھميشه والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلم ۽ جبر خلاف آواز اٿاريو آهي. ان موقعي تي رجسٽرار لمس ڊاڪٽر حاجي محمد شيخ، ڊائريڪٽر اڪيڊمڪ ثمرين ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرز ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو تقريب کي خطاب ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close