وشهروفيروز ۾ ڪلھوڙا اسٽيشن ڀرسان جوابدارن ڪارنهن الزام هڻي نوجوان فاروق سولنگي ۽ ڇوڪري رومانه سولنگي جا ڳلا ڪپي ڇڏيا. نازڪ حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو. ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان فاروق سولنگي صبح جو ڇوڪري جي گھر آيو، جنھن تي گھر وارن ڏسي ٻنهي کي پڪڙي تيز ڌار اوزار سان ڳلا ڪپي ڇڏيا. اھڙي اطلاع تي نوجوان جا وارث ۽ پوليس پھچي زخمي جوڙي کي کڻائي سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو، جتان طبي امداد بعد زخمين کي نازڪ حالت ۾ نواب شاهه ريفر ڪيو ويو. پوليس موجب نوجوان ۽ ڇوڪري کي ڳلو ڪپي مارڻ جي ڪوشش ڪندڙ ٻن ڄڻن پٺاڻ ۽ عامر سولنگي کي گرفتار ڪيو آھي. گرفتار ڪيلن چيو ته ڪارنهن الزام هڻي ٻنهي کي ڪارو ڪاري سبب ڳلو ڪپيو آھي. پوليس آخري اطلاع تائين ڪيس داخل ناھي ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close