سنڌ

اسان پيپلزپارٽي ۾ آهيون ۽ هميشه رهنداسين:اياز شاهه شيرازي

جاتي ويجهو ڳوٺ تڙ خواجا ۾ خواجا چڱي مڙس اسلم پرويز ۽ سجاد علي خواجا پاران اياز شاهه شيرازي کي آجياڻو ڏنو ويو. ان موقعي تي ايم اين اي اياز شاهه شيرازي خطاب ڪندي چيو ته عمران نيازي ملڪ ۾ مھنگائي ڪري غريب عوام جو جيئڻ جنجال بڻايو آھي عوام ھڪ ويلي لا پريشان آهي. ملڪ ۾ مهانگائي، بجلي ۽ گئس کوٽ خلاف پيپلزپارٽي پاران 27 فيبروري واري لانگ مارچ ۾ چئرمين بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ لکين عوام شريڪ ٿي نيازي حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي. هن چيو ته اسان پي پي ۾ آھيون ۽ هميشه پي پي ۾ ئي رھنداسين، باقي اسان خلاف پارٽي ڇڏڻ جون ڳالھيون ڪندڙ ڏينھن جا خواب پيا ڏسن. ان موقعي تي نصير حسين شاهه شيرازي، پاشا شيرازي، عباس شاهه شيرازي، حاجي ھارون ٿھيم، خادم ونگائي، علي محمد عاجز ۽ وڏيرو محمد بخش سيال گڏ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button