سنڌ

ميرپوربٺوري ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران احتجاجي ريلي

جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران ڀاشا ڊيم سميت سمورن ڊيمن، ڌارين جي آبادڪاري، ڪارڪنن جي گمشدگين ۽ ڏهرڪي ۾ ستن لال جي قتل خلاف ميرپور بٺوري ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي نواز خان زئور، انور خاصخيلي، قادر بخش زئور، بشير ميراڻي، الطاف کوڙ، ڪامريڊ يوسف ڪنڀار ۽ سراج رسول ڪئي. ريلي کورواهه اسٽاپ کان شروع ٿي ۽ شهيد حنيف زئور چوڪ تي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي. ان موقعي نواز خان زئور چيو ته پنجاب پنهنجا درياهه سک پنجابين حوالي ڪري هاڻي سنڌو درياهه تي قبضو ڪرڻ گھري ٿو. اسان سنڌو درياهه ۽ ان جي ٻين ڀرتو درياهن تي ڪو ڊيم قبول نه ڪنداسين. ڊيمن جون رٿائون فطرت، درياهن ۽ سنڌ جي خلاف آهن. هن چيو ته سيڙپڪاري ڪندڙ ڌارين کي شهريت ڏيڻ سان سنڌ تي ڌارين جو بار وڌندو ۽ سنڌي پنهنجي ديس ۾ ئي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. هن چيو ته سمورن گم ڪيل ماڻھن کي آزاد ڪيو وڃي. اسان ستن لال جي قتل کي سنڌي قوم خلاف سازش سمجھون ٿا. ستن لال جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button