سنڌ

سکر ۾ پاڻي جي شديد کوٽ،رهواسين جو احتجاجي مظاهرو

سکر ۾ ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ ٿي وئي آهي. شهر جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند ٿيڻ ڪري شهري سخت عذاب هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. هوڏانهن شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ کان تنگ ٿي سماجي تنظيم بچه يونين پاران نئون ڳوٺ واري علائقي ۾ مظاهرو ڪيو، مظاهرين پاڻي جي کوٽ خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاهرين کي هٿن ۾ خالي ٿانو کنيل هئا. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ مسعود بنڌاڻي، مزمل، مصدق ۽ ٻين چيو ته ٽن ڏينهن کان نئون ڳوٺ، پراڻو سکر، قريشي روڊ، مليٽري روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند آهي. پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند هجڻ سبب پري پري کان پاڻي ڀري رهيا آهيون، ڪيترائي ڀيرا ميونسپل عملدارن کي شڪايت ڪرڻ باوجود پاڻي جي فراهمي کي يقيني نٿو بڻايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button