پير وسڻ ٿاڻي جي حد مان ما ڪاجل ڏيپر جي هنج مان اغوا ڪيل هڪ سال جو معصوم پٽ جنسار ڏيپر 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيو، جنهن جي بازيابي لا ٻار جي ماءُ ڪاجل ڏيپر، پيءُ صوبل، ڳوٺاڻن غلام سرور ڏيپر، تاج محمد ڏيپر، مبارڪ ڏيپر، وقار ڏيپر، الطاف ڏيپر، عبدالرشيد ڏيپر، اسماعيل ڏيپر، علينواز ڏيپر، غلام رسول ڦُل، علي گوھر ڏيپر، مشتاق ڏيپر، نجب انڙ، قبول محمد ڦل، وڏيرو عبدالرزاق جروار، استاد عبداللطيف کيمٽيو، حضوران ڏيپر، نازان ڏيپر ۽ ڪونج خاتون ڏيپر ۽ ٻين مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي هنن دانهيو ته اسان جي گلن جهڙو ٻار اسانجي اکين جي سامهون اغوا ٿي ويو، جنھن کي 24 ڪلاڪ گذرڻ کانپو به پوليس بازياب ناهي ڪرائي سگهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close