ڪراچي: ڪراچي ۾ جوڊيشل ميجسٽريٽ ملير ناطم جوکيو قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جوڊيشل ميجسٽريٽ ملير جي عدالت ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پوليس طرفان جمع ڪرايل حتمي چالان بابت لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته عدالت پوليس طرفان جمع ڪرايل چالان سان اتفاق نٿي ڪري، عدالت ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طرفان 13 ڊسمبر 2021ع جي فيصلي سان اتفاق ڪري ٿي جنهن ۾ عدالت ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلائڻ جي آبزرويشن ڏني هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close