سنڌ

ماٿيلو ڀرسان زمين جي تڪرار تان جهيڙو،هڪ ڄڻو قتل،13 زخمي

ميرپورماٿيلو ويجھو ڳوٺ اسلام خان لاشاري ويجھو زمين جي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو فقير محمد لاشاري پٽ محمد عاقل لاشاري قتل ٿي ويو، جڏهن ته 13 ڄڻا دائم لاشاري، مزمل ۽ مھدي لاشاري، نواب خان جلباڻي، صدام حسين جلباڻي، عبدالحق جلباڻي ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو. هوڏانهن مقتول جي وارثن لاش رکي ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي سالڪ لاشاري ۽ ٻين چيو ته جيستائين جوابدارن مٿان ڪيس داخل نه ڪيو ويندو، تيستائين روڊ بلاڪ رھندو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو، جڏهن ته ڊي ايس پي راڻا نصرالله جي اڳواڻي ۾ پوليس شهاب خان جلباڻي، ۽ نظام جلباڻي کي گرفتار ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button